پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن جي تاريخ بابت درخواست تي لارجر بينچ قائم

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ملتوي ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪري ڇڏي

 چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ  ڪجهه دير ۾ ٻڌڻي هلائيندي، ٻڌڻي هلائيندڙ لارجر بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل شامل آهن

تحريڪ انصاف پاران اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي

اليڪشن ڪميشن 30 اپريل جو شيڊول رد ڪندي 8 آڪٽوبر تي چونڊون ڪرائڻ جو نئون شيڊول جاري ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔