نگران وڏي وزير محسن نقوي جي مقرري خلاف داخل ڪيل درخواست رد

لاهور: پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي مقرري خلاف شيخ رشيد احمد جي درخواست کي رد ڪيو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد جي پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرري بابت درخواست داخل ڪئي هئي جنهن تي عدالت سڳوري فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو

وزير محسن نقوي جي مقرري کي صحيح قرار ڏئي ڇڏيو.
شيخ رشيد نگران وڏي وزير جي مقرري کي چئلينج ڪيو هو ۽ پنهنجي موقف ۾ چيو هو ته محسن نقوي جي مقرري قانون جي ابتڙ ٿي. نگران وڏي وزير جا قدم صاف شفاف نه آهن. عدالت پنجاب جي وڏي وزير جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏئي.
ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن وٽ نگران وڏي جي مقرري جو مڪمل اختيار آهي. نگران وڏي وزير جو ڪم صرف چونڊون ڪرائڻ آهي.
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته درخواست ٻڌڻ جوڳي نه آهي. اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي. اليڪشن ڪميشن نگران وڏي وزير جي مقرري بابت ڌرين وچ ۾ اتفاق نه ٿيڻ تي نگران وڏي وزير کي مقرر ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔