پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ ٿيندو، پي ٽي آءِ ميمبر به شرڪت ڪندا

اسلام آباد: پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ ٻنپهرن جو 3 وڳي ٿيندو. پاڪستان تحريڪ انصاف جا سينيٽرز به ڊگهي وقت کان پوءِ جوائنٽ سيشن ۾ شرڪت ڪندا. گڏيل اجلاس ۾ 8 نڪتن تي بحث ڪيو ويندو.
قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو گڏيل اجلاس اڄ پارليامينٽ هائوس ۾ ٻنپهرن جو 3 وڳي ٻيهر ٿيندو جنهن ۾ پي ٽي آءِ جا سينيٽر ڊگهي وقت کان پوءِ شرڪت ڪندا.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جو 8 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي جنهن تي جوائنٽ سيشن ۾ ميمبر بحث ڪندا.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پارلياماني معاملن جو وزير پيش ڪيل تحريڪ کان علاوه امن امان تي به بحث ڪيو ويندو. قومي ادارن ۽ ان سان لاڳاپيل شخصيتن جو معاملو به ايجنڊا جو حصو آهي. معاشي صورتحال، ڪشمير، سي پيڪ ۽ پرڏيهي پاليسي تي به ڳالهيون ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔