سنڌ ۾ 15 ضلعن جي 90 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ: غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا

ڪراچي: سنڌ ۾ 15 ضلعن جي 90 پولنگ اسٽيشنز تي مڪاني چونڊن لاءِ ٻيهر پولنگ جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي

قمبر ميونسپل جي وارڊ نمبر 12 تي پ پ اُميدوار شعبان علي شيخ 489 ووٽ کڻي کٽي ويو، ڇاڇرو جي يوسي هيرار تي آزاد اُميدوار عبدالعزيز رند هڪ هزار 55 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو

ڪريم بخش کوسو جي يوسي جنگ ۾ ٻن پولنگ اسٽيشنز تي آزاد اُميدوار فاروق احمد کوسو 658 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو

پ پ اُميدوار طاهر کوسو رڳو 22 ووٽ کڻي سگهيو، نئون ڪوٽ ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 4 ۾ جنرل ڪائونسل جي سيٽ تي پ پ اُميدوار ايسرداس 751 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو

 ڪنڌڪوٽ جي يوسي ددڙ جي ٽن پولنگ اسٽيشن جا غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا  سامهون اچي ويا آهن، ضلع ڪائونسل تي پ پ اُميدوار احد رضا سُندراڻي 1201 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو

ڪوٽڏيجي جي وارڊ نمبر 4 تي پ پ اُميدوار قربان پريو 684 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، ڊي اي اُميدوار ساجن ٽالپر هارائي ويو، ساجن پنهور ڌانڌلي جو الزام مڙهيندي پولنگ جو بائيڪاٽ ڪيو هو

 جي ڊي اي اُميدوار جي بائيڪاٽ باوجود پولنگ جو عمل جاري رهيو، جي ڊي اي اُميدوار چيو ته پوليس پ پ اميدوار جي ونگار وهندي اسان جي 20 کان وڌيڪ حمايتي ووٽرز کي کنڀي وئي، کنڀيل ووٽرز ۾ عورتون به شامل آهن

 ڏوڪري ٽائون ڪميٽي جي وارڊ  نمبر 2 تي ٻيهر پولنگ دوران بيلٽ پيپرز ٻاهر اچي ويا، موبائيل فون جي استعمال تي پابندي باوجود ووٽرز پ پ اميدوار جي حمايت ۾ ووٽ ڏيڻ واريون تصويرون ڪڍي ورتيون، بيلٽ پيپرز تي ٺپي واريون تصويرون وائرل ٿي ويون

عدالتي فيصلن، جهيڙن ۽ ٻين شڪايتن سبب 90 پولنگس تي ٻيهر ووٽنگ ڪرائي وئي، حيدرآباد، ڄامشورو، بدين، جيڪب آباد، ڪشمور، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ ٻيهر پولنگ ٿي

قمبر شهدادڪوٽ، سکر، خيرپور ۽ شهيد بينظير آباد جي به ڪجهه پولنگس تي ٻيهر ووٽنگ ڪرائي وئي آهي،  سانگهڙ، ميرپور خاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، اڪري چودڳي، نوابشاهه، ڪنڌڪوٽ، قمبر ۽ ٻين علائقن ۾ به ڳڻپ جاري آهي، شهدادپور، ٻٻر لوءِ، ڏوڪري، قبو سعيد خان، ڪوٽڏيجي، فيض گنج، نئون ڪوٽ، وڳڻ ۽ ڊکڻ جي به مختلف پولنگ اسٽيشنز تي ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔