سنڌ ۾ بچت بازارون مذاق بڻجي ويون

ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران مهانگائي سٽيل عوام جي لاءِ قائم ڪيل بچت بازارون مذاق بڻجي ويون

لاڙڪاڻو، نصير آباد، گهارو، جهول ۽ فيض گنج ۾ بچت بازارن لاءِ لڳايل اسٽال خالي پيل نظر آيون، کنڊ، گيهه، چانور ۽ ٻيون شيون وٺڻ لاءِ پهتل شهري مايوس ٿي واپس هليا ويا

 سنجهورو ۾ قائم ڪيل بچت بازار ۾ غير معياري اٽو ملڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي پڻ ڪئي

شهرين جو چوڻ آهي ته سستي اٽي جي نالي تي صحت لاءِ هاڃيڪار گندو اٽو ڏنو پيو وڃي، حڪومت جون دعوائون ٺلهيون ثابت ٿيون

جهول ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر غير معياري اٽو فراهم ڪندڙ هڪ فلور مل کي سيل ڪري ڇڏيو

 اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته احسن فلور مل مان غير معياري اٽو مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي رهيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔