لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي ٽن ڪيسز ۾ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي ٽن ڪيسز ۾ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

عمران خان کي 4 اپريل تائين ضمانت ملي وئي، عدالت پاران هڪ هڪ لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت، عمران خان زمان پارڪ مان بلٽ پروف گاڏي ۾ سوار ٿي عدالت پهتو

جج اعجاز بٽر عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي ڪنهن به تاريخ تي غير حاضر نه رهڻو آهي، عمران خان جج کي جواب ۾ “جي سر” چئي عدالت مان روانو ٿي ويو

عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ماڻهن کي مينار پاڪستان اچڻ کان روڪيو پيو وڃي، اسان کي خوف جا بت ٽوڙڻا آهن

اڄ مينار پاڪستان واري جلسي ۾ پنهنجي حڪمت عملي جو اعلان ڪندس، مينار پاڪستان وارو جلسو ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ثابت ٿيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔