تحريڪ انصاف پنجاب ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي ورتي
اسد عمر، ميان محمود الرشيد، سبطين خان ۽ ٻين پاران درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن آئيني مينڊيٽ جي لتاڙ ڪئي آهي ۽ عدالتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو آهي، شيڊول مطابق 30 اپريل تي پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي