گرفتاري جو امڪان: عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري جي امڪان تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيارڪيو ويو آهي ته گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت وٺي ڇڏي آهي. نيب سميت ڪنهن به اداري کي گرفتار ڪرڻ کان روڪيو وڃي.
عمران خان عدالت کان درخواست تي اڄ ئي ٻڌڻي جي استدعا به ڪئي آهي. عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ لاءِ پهچي ويو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار عمران خان جي درخواست تي اعتراض لڳائيندي پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي ايف آءِ آر ۾ ضمانت گهرجي؟ گڏيل درخواستن ذريعي ڪيئن درخواست داخل ٿي سگهي ٿي؟ بلينڪ آرڊر ڪيئن جاري ڪري سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔