ڪراچي : سون 204000 رپيا تولو ٿي ويو: ڊالر 285 رپين تي پهتو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 500 رپيا واڌ سان 203500 مان 204000 رپيا تولو ٿي ويو
جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 2 ڊالرن جي اضافي سان 1926 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف چاندي 2250 رپين تي بيٺل رهي
هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 50 پئسا لاٿ سان 285.5 مان 285 ۽ انٽر بينڪ ۾ 43 پئسا گهٽتائي سان 282.42 رپين تي پهتو، ٻئي طرف پائونڊ 2 رپيا اضافي سان 343 مان 345 ۽ يورو هڪ رپيو واڌ سان 301.5 مان 302.5 رپيا ٿي ويا