منهنجي گهر تي حملو ڪيو ويو، جتي بشريٰ بيگم اڪيلي هئي: عمران خان

لاهور: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون کي گرفتار ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، سڀني ڪيسن ۾ ضمانت حاصل ڪرڻ باوجود حڪومت مون کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي.

پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو ته مان قانون جي حڪمراني تي يقين رکان ٿو، اهو واضح ٿي چڪو ته لاهور ۾ ڪيل گهيري جو مقصد هڪ ڪيس ۾ مون کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ نه پر مون کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهڻ هو ته جيئن مان پنهنجي چونڊ مهم نه هلائي سگهان.

هن چيو ته پنجاب پوليس زمان پارڪ ۾ منهنجي گهر تي حملو ڪيو آهي، زمان پارڪ جي گهر ۾ بشريٰ بيگم اڪيلي هئي، اهو ڪهڙي قانون تحت ڪيو پيو وڃي؟

سندس چوڻ هو ته اهو لنڊن پلان جو حصو آهي، نواز شريف جو مطالبو آهي ته مون کي جيل ۾ وڌو وڃي ته جيئن چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔