پيرسن شخص جي گڙدي مان 300 پٿريون ڪڍيون ويون، ڪامياب آپريشن

تيلنگانا : ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب رياست تيلنگانا جي ضلعي ڪريم نگر جي 75 سالن جو رام ريڊي گذريل ڪيترن ئي سالن کان گڙدي ۾ سخت تڪليف ۾ مبتلا هو

ان دوران اهو عطائي ڊاڪٽر کان ڪجهه دوائون وٺندو رهيو جنهن سان هن کي عارضي طور تي سڪون مليو. پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سور ٻيهر کان شروع ٿيو جنهن سبب هن جي روزاني واري زندگي سخت متاثر ٿيڻ لڳي ته پوءِ هن اسپتال وڃڻ جو فيصلو ڪيو

اسپتال ۾ ڊاڪٽرن رام ريڊي جو ايڪسري ڪيو ته خبر پئي ته هن جي ساڄي گڙدي ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون پٿريون موجود آهن. ان لاءِ هن جي هول سرجري ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو

رپورٽن موجب ڪامياب آپريشن کانپوءِ ڊاڪٽرن 75 سالن جي مريض جي گڙدي مان تقريبن 300 ننڍيون پٿريون ڪڍي ورتيون، آپريشن جي ٻئي ڏينهن رام ريڊي کي اسپتال مان گهر موڪليو ويو ۽ اهو هاڻي بلڪل صحتياب آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته وڌيڪ گرمي پد سبب پاڻي جي گهٽتائي گڙدي ۾ پٿري جو سبب ٿي سگهي ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔