متحده باني پارٽي قيادت کانپوءِ لنڊن ۾ گهر به وڃائي ويٺو

ايم ڪيو ايم جو باني الطاف حسين پارٽيءَ جي قيادت کانپوءِ لنڊن ۾ پارٽيءَ جون ملڪيتون به وڃائي ويٺو آهي،  متحده باني برطانيا جي عدالت ۾  هڪ ڪروڙ پائونڊز جي ملڪيت وارو ڪيس هارائي ويو

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ امين الحق متحده جي باني ۽ ٻين ٽرسٽيز خلاف لنڊن هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرايو هو

امين الحق موقف اختيار ڪيو هو ته متحده باني کي ايم ڪيو ايم پاڪستان مان نيڪالي ڏني وئي هئي، متحده باني جو هاڻي پارٽيءَ سان ڪو به تعلق نه آهي، تنهن ڪري پارٽيءَ جي ملڪيتن سان به هن جو ڪو تعلق نه آهي

 هاءِ ڪورٽ آف جسٽس بزنس اينڊ پراپرٽي ڪورٽ آف انگلينڊ اينڊ ويلز جي جج ڪلائيو جونز ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، عدالت  الطاف حسين جي خلاف فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔