عورت جج کي ڌمڪين وارو ڪيس: عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد جي عدالت عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، لاهور پوليس عمران خان کي گرفتار ڪرڻ پهچي وئي، پر ڪپتان پي ٽي آءِ جي ريلي ۾ شريڪ آهي

 سول جج راڻا مجاهد رحيم جي عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت عمران خان کي گرفتار ڪري 29 مارچ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو

عدالت عمران خان جي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي، عدالت عمران خان کي پيش ٿيڻ لاءِ اڄ ساڍي ٻارهين وڳي تائين پيش ٿيڻ جي مهلت به ڏني هئي، عمران خان جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪجهه دير لاءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو

ٻئي پاسي توشه خانه ڪيس ۾ به عمران خان عدالت آڏو پيش نه ٿيو، عدالت حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا

عدالتي حڪم بعد لاهور پوليس ايڪشن ۾ اچي وئي آهي، عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان پي ٽي آءِ جي ريلي جي قيادت ڪري رهيو آهي، ان صورت ۾ پوليس کيس گرفتار ڪيو ته وڏو بحران جنم وٺندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔