ڊپريشن جي ڪري آپگهات ڪرڻ پئي ويس: ڪپل شرما جو انڪشاف

ڪپل شرما ڀارت جو اهڙو نالو آهي جيڪو پنهنجي مزاحيه انداز سان لکين ماڻهن جي چهرن تي مسڪراهٽ آڻيندو آهي، پر ڪپل شرما تي اهڙو وقت به آيو جو هو انتهائي قدم کڻڻ لاءِ سوچي رهيو هو، يعني خودڪشي ڪرڻ ڏانهن پئي ويو

ڪپل شرما ان ڳالهه جو انڪشاف تازو ئي پنهنجي ايندڙ فلم جي پروموشنل تقريب ۾ ڪيو، سال 2017 خاص طور تي ڪپل لاءِ ڏکيو رهيو جڏهن سندس فلم “ڪس ڪس ڪو پيار ڪرون” باڪس آفيس تي فلاپ ٿي وئي، جنهن کانپوءِ ڪاميڊين سنيل گروور به ڪپل جو ساٿ ڇڏي ويو هو، ٻنهي ۾ جهيڙو ٿيو هو

تقريب ۾ ڪپل شرما ڊپريشن بابت ڳالهايو ۽ ان ۾ مبتلا ماڻهن کي پيغام ڏنو، ڪپل پنهنجو مثال ڏنو ته هڪ مقبول شخصيت جي حيثيت سان ڪروڙين ماڻهو توهان کي سڃاڻن ٿا، توهان انهن جي چهرن تي مرڪ آڻيندا آهيو پر جڏهن گهر ويندا آهيو ته اڪيلا ٿي ويندا آهيو ۽ ڊپريشن سبب کوڙ ساريون ڳالهيون ذهن کي وڪوڙي وينديون آهن

ڪپل شرما چيو ته اوهان اِن حالت ۾ به ناهيو هوندا ته عام زندگي گذاري سگهو، جتي اوهان ٻاهر وڃي سگهو، سمنڊ ڪناري ويهي سڪون حاصل ڪيو، ٻن ڪمرن واري فليٽ ۾ رهندو هئس، جڏهن شام ٿيندي هئي ته بلڪل اڪيلو ٿي ويندو هئس

ڪپل شرما چيو ته ڪافي ڀيرا ڊپريشن سبب آپگهات ڪرڻ جو سوچيو پر پوءِ وري خيال آيو ته ڇونه پاڻ سان وڙهجي ۽ هن بيماري کي شڪست ڏجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔