پاڪستان ۾ ٻوڏ کان پوءِ هاڻ هيٽ ويوز جهڙا خطرا به سامهون اچي سگهن ٿا: ورلڊ بينڪ

ڪراچي:ورلڊ بينڪ جي وفد سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهين دوران چيو آهي ته ٻوڏ کان پوءِ هاڻ هيٽ ويوز جهڙا خطرا به سامهون اچي سگهن ٿا.
ورلڊ بئنڪ جي ڊائريڪٽر سائوٿ ايشيا جان اي روم وفد سان گڏ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين سبب 2022 ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي ملڪ جو اڌ کان وڌيڪ حصو پاڻي ۾ ٻڏي ويو

ورلڊ بينڪ جي وفد چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 1700 ماڻهو فوت، 33 ملين ماڻهو متاثر جڏهن ته 16 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو. ٻوڏ سبب وڌيڪ 84 کان 91 لک ماڻهو غربت جو شڪار ٿيا، ٻوڏ کان پوءِ هاڻ هيٽ ويوز جهڙا خطرا به سامهون اچي سگهن ٿا

ورلڊ بينڪ طرفان تجويز ڏني وئي آهي ته ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٻيهر نئين سري سان تعمير شروع ڪئي وڃي. سنڌ جي وڏي وزير ورلڊ بينڪ جي وفد کي آگاهه ڪيو ته سنڌ ۾ زراعت جي بحالي لاءِ قدم کنيا ويا آهن. هارين کي ڪڻڪ جي ٻج لاءِ مالي مدد ڪئي وئي آهي، زرعي زمينن مان پاڻي نيڪال ڪري خريف جي فصل پوکي وئي آهي.
مراد علي شاهه چيو ته هن سال سنڌ ۾ ڪڻڪ جي بهترين فصل ٿي آهي، سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4000 روپيه في مڻ مقرر ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔