ڪنگنا رناوت بالي ووڊ انڊسٽري کي پينو مافيا قرار ڏئي ڇڏيو

بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪنگنا رناوت بالي ووڊ فلم انڊسٽري کي پينو مافيا گينگ وار قرار ڏيندي انڪشاف ڪيو آهي ته کيس شادين ۾ نچڻ ۽ هيرو جي ڪمري ۾ وڃڻ کان انڪار تي چريو قرار ڏئي جيل موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

ٽوئٽر تي هڪ ڀارتي صارف کي جواب ڏيندي ڪنگنا ٻڌايو ته مهرباني ڪري نوٽ ڪريو ته منهنجي امڙ منهنجي ڪري امير ناهي ٿي، ڇاڪاڻ ته مان هڪ سياستدان، بيورو ڪريٽ ۽ ڪاروباري فيملي سان واسطو رکان ٿي

منهنجي امڙ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ٽيچنگ ڪري رهي آهي، فلم مافيا کي سمجهڻ گهرجي ته مون کي اِهو Attitude  ڪٿان آيو، مان ڇو سستا ڪپڙا ناهن پائيندي ۽ شادين ۾ ڊانس ڇو ناهيان ڪندي

هڪ ٻئي ٽوئٽ ۾ ڪنگنا لکيو ته پينو فلم انڊسٽري منهنجي Attitude کي تڪبر جو رنگ ڏنو، ڇو جو مان ٻين ڇوڪرين جيان بيوقوفي تي ناهيان کِلندي، آئٽم نمبر ڪرڻ، شادين تي نچڻ، رات جو گهرائڻ تي هيرو جي ڪمري ۾ وڃڻ، اِهو سڀ مان نٿي ڪري سگهان، تنهنڪري مون تي خطرناڪ وار ڪري مونکي جيل موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

هڪ ٻئي ٽوئٽ ۾ ڪنگنا رناوت لکيو ته فلم انڊسٽري مونکي سڌارڻ بدران پاڻ سنڀالي، مان سڄي عمر جي ڪمائي فلم تي لڳائي ڇڏي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔