توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد جي عدالت توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال عمران خان کي اڄ طلب ڪيو هو، پي ٽي آءِ چيئرمين اڃا تائين عدالت ناهي پهتو

عدالت عمران خان جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن

واضح رهي ته عمران خان جي اڄ ٻن ڪيسن ۾ ضمانت پڻ منظور ٿي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔