ڪي پي او حملي ڪيس جا 2 سهولتڪار ڪراچي ۾ موجود: رپورٽ عدالت ۾ پيش

ڪراچي: ڪي پي او حملي بابت سي ٽي ڊي اختيارين دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو  آهي ته واقعي جا ٻه سهولتڪار ڪراچي ۾ موجود آهن، جن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن

رپورٽ موجب 17فيبروري تي ڪي پي او آفيس تي دهشتگردن حملو ڪيو، ڊي آءِ جي ڏکڻ عرفان بلوچ جي اڳواڻي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو ويو

رپورٽ موجب جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد پاڻ کي ٽين منزل تي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جوابي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، واقعي جو ڪيس 18 فيبروري تي داخل ڪيو ويو

سي ٽي ڊي موجب حملي ۾ رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن سميت 5 ڄڻا شهيد ۽ 18ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان سان آهي

سي ٽي ڊي اختيارين رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ٽي دهشتگرد ڪار ۾ پوليس صدر لائن پھتا، گاڏي کي به تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ڪار سوار دهشتگردن سان گڏ 2وڌيڪ دهشتگرد موٽرسائيڪل تي آيا

رپورٽ موجب دهشتگردن وٽان 5 دستي بم ۽ 2 آپگهاتي جيڪٽس هٿ ڪيون جن کي ناڪاره بڻايو ويو، پوليس آفيس ۾ موجود سمورن ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔