اشنا شاهه به جلد ڪنوار ٿيندي، شادي جون تياريون شروع

ڪراچي: شوبز اندسٽري جي ڀلوڙ اداڪارا اشنا شاهه جلد ئي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻنڌجي ويندي. اهڙو انڪشاف اداڪار ۽ ميزبان فهد مصطفيٰ پنهنجي ٽي وي شو ۾ ڪيو آهي

خوبصورت اداڪارا اشنا شاهه تازو ئي اداڪار فهد مصطفيٰ جي ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ميزبان فهد مصطفيٰ انڪشاف ڪيو ته اشنا شاهه ڪيترن ئي نوجوانن جون دليون ٽوڙي ڇڏيون آهن ڇاڪاڻ ته هو ايندڙ 10 ڏينهن اندر ڪنوار بڻجي ويندي

ٻئي طرف اشنا شاهه جي ويجهن دوستن جو چوڻ آهي ته اشنا شاهه جي شادي جون تياريون تيزي سان جاري آهن. واضح رهي ته اشنا شاهه 22 ڊسمبر 2022 تي حمزا امين نالي بزنيس مين سان مڱڻي ڪئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔