صدر عارف علوي پنهنجو حق ادا ڪري ڇڏيو، ملڪ ۾ چونڊون نه ٿيون ته خانه جنگي شروع ٿي سگهي ٿي، شيخ رشيد

اسلام آباد: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته صدر عارف علوي پنهنجو حق ادا ڪري ڇڏيو.
اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته منهنجي گهر تي پوليس ڌاڙو هنيو ۽ قيمتي شيون چوريون ڪيون. آبپاره پوليس منشيات فروشي جي لاءِ مشهور آهي.
هن چيو ته 23 فيبروري تي مري روانو ٿيندس اميد آهي ته لائسنس وارا هٿيار ۽ گهڙيون واپس ملي ويندا. صدر عارف علوي پنهنجو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ ۾ چونڊون نه ٿيون ته خانه جنگي ٿيندي. شيخ رشيد چيو ته 22 فيبروري تي گرفتاري ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيان. خبر ناهي ته چونڊون ٿينديون يا نه پر دهل حڪومت جي گلي ۾ لٽڪيل رهندو.
هن چيو ته صدر کي گهرجي ته وزيراعظم شهباز شريف کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چوي. ڪالهه 170 ارب جو مني بجيٽ 60 ماڻهن پاس ڪيو. ايوان جي ڪارروائي لاءِ 86 ميمبرن جي ضرورت هوندي آهي، ڪيترائي سرڪاري ميمبر به حڪومت سان گڏ نه آهن. حڪومت جي اتحاد ۾ ڏار پئجي چڪا آهن.
شيخ رشيد چيو ته ڪالهه لاهور جي عوام ٻاهر نڪري ايوان جي ٿنڀن کي هلائي ڇڏيو آهي. حڪومت تاس جي پتن جيان پکڙجڻ شروع ٿي وئي آهي. آفتاب سلطان جي استعيفيٰ ان جي پهرين ڪڙي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ 50 ڪروڙ کان گهٽ ڪرپشن جي کلي ڇوٽ آهي. قوم سپريم ڪورٽ طرف ڏسي رهي آهي. نيب ترميم تي تاريخي فيصلو اچي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔