مستونگ ۾ ليويز چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو، 2 اهلڪار شهيد

ڪوئٽه: بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ ليويز چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
اسسٽنٽ ڪمشنر برڪت بلوچ موجب دهشتگرد اهلڪارن جا هٿيار به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. فورسز ناڪا بندي ڪري دهشتگردن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. مقامي ماڻهن واقعي خلاف ڪوئٽه تافتان قومي شاهراهه کي بلاڪ ڪري ڇڏيو.شهيد ليويز اهلڪارن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.
بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءَ لانگو مستونگ ليويز چيڪ پوسٽ ۽ چمن ناڪي تي حملن جي مذمت ڪئي آهي. جڏهن ته بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو به مستونگ ۾ 2 ليويز اهلڪارن جي شهادت ۽ چمن ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي فائرنگ جي مذمت ڪئي آهي. بلوچستان جي وڏي وزير چيوته صوبي ۾ دهشتگردي جا واقعا ڳڻتي جوڳا آهن. دشمن صوبي جو پرامن ماحول خراب ڪرڻ چاهين ٿا. دهشتگرد عناصرن کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.
وزيراعظم شهباز شريف مستونگ ۾ ليويز چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيد ٿيندڙ ليويز اهلڪارن جي لاءِ دعا ڪئي ۽ پوئينرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي صحتيابي جي دعا ڪئي ۽ چيو ته دهشتگردن جو قلعو ختم ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز جا ارادا بلند آهن. شهيدن کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔