نيب چيئرمين آفتاب سلطان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو(نيب) چيئرمين آفتاب سلطان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي
ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف نيب چيئرمين آفتاب سلطان جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. نيب چيئرمين آفتاب سلطان وزيراعظم سان ملاقات ۾ چيو ته مان هن ماحول ۾ ڪم نٿو ڪري سگهان.
ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته آفتاب سلطان ڪنهن جي خواهش تي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو نٿو چاهي ته هو اڳوڻي نيب چيئرمين جاويد اقبال جيان ڪردار ادا ڪري.
ذريعن موجب آفتاب سلطان تي ڪجهه گرفتارين جي لاءِ دٻاءُ هو پر هن گرفتارين کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي نيب چيئرمين آفتاب سلطان چيو ته مون ڪجهه ڏينهن اڳ استعيفيٰ ڏني هئي مون کي ڪجهه شين جي لاءِ چيو ويو جيڪي مون قبول نه ڪيون هيون.
آفتاب سلطان چيو ته مون کين ٻڌايو ته مان شرطن سان ڪم جاري نٿو رکي سگهان. منهنجي استعيفيٰ کي قبول ڪيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف منهنجي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، منهنجون به ان جي لاءِ نيڪ خواهشون آهن.
ياد رهي ته آفتاب سلطان جو تعلق پوليس سروس پاڪستان سان آهي ۽ هو گريڊ 22 جو آفيسر آهي. آفتاب سلطان ڊي جي آءِ بي اي سميت ٻين عهدن تي به مقرر رهيو.
آفتاب سلطان اڳوڻي نيب چيئرمين جاويد اقبال جي رٽائرمينٽ کان پوءِ جولاءِ 2022 تي نيب جي سربراهي سنڀالي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔