ملڪ ۾ سون سستو ٿيڻ جو سلسلو جاري

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جو اگهه گهٽجڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به سون جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي سامهون آئي آهي.
سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ اڄ 3 هزار 700 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ اهو هڪ لک 92 هزار 200 رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 3 هزار 173 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 64 هزار 780 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 18 ڊالر گهٽجڻ سان 1837 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔