لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان عمران خان کي پيش ٿيڻ لاءِ ٻن ڪلاڪن جي مهلت

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان کي حفاظتي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي دوران پيش ٿيڻ لاءِ 2 ڪلاڪن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ بعد عمران خان پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي وڪيل چيو ته ڊاڪٽرز سان گڏجاڻي هلي رهي آهي، عمران خان جي سيڪيورٽي بابت پارٽيءَ کي خدشا آهن، ٻن ڪلاڪن ۾ پوري ڪوشش آهي ته عمران خان ڪنهن ريت عدالت ۾ پهچي سگهي

 عمران خان جي وڪيل جي درخواست تي عدالت ساڍي ٻارهين وڳي تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي، گذريل ڏينهن دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي پيش نه ٿيڻ تي سندس ضمانت خارج ڪري ڇڏي هئي

عدالت رمارڪس ۾ چيو هو ته هڪ گوليءَ جي زخم جي بنياد تي ڪنهن جوابدار کي ايڏي رعايت ڏئي نه ٿي سگهجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔