مهراڻ، دائود، نصرت، اروڙ، آءِ بي اي سکر، ٽيڪنيڪل ۽ شهيد الله بخش ۾ نوان وي سي مقرر

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه پرڳڻي جي 7 مادرعلمين جي 4 سالن لاءِ مستقل وي سيز جي منظوري ڏئي ڇڏي، 7 مان 6 وي سيز  جو مهراڻ ورسٽي سان تعلق رهيو آهي، ان ڏس ۾ ڪالهه وزيراعليٰ مراد شاهه سليڪٽ ڪاميٽي پاران تجويز ڪيل اميدوارن جا انٽرويو وٺڻ بعد نالا فائنل ڪري ڇڏيا

ذريعن موجب مهراڻ يونيورسٽي لاءِ ڊاڪٽر علي طحيٰ حسين بلوچ، دائود يونيورسٽي لاءِ ڊاڪٽر ثمرين حسين، شهيد الله بخش سومرو آرٽ يونيورسٽي ڄامشوري لاءِ ڊاڪٽر محمد علي شيخ، شهيد بينظير ڀٽو ٽيڪنيڪل يونيورسٽي خيرپور لاءِ ڊاڪٽر رسول بخش مهر مقرر ڪيوويو

نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي لاءِ زاهد کنڊ، اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ لاءِ ڊاڪٽر اربيلا ڀٽو ۽ آءِ بي اي سکر لاءِ اين اي ڊي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر آصف شيخ کي وي سي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي

ذريعن موجب 7 وي سيز جي مقرري جو نوٽيفڪيشن اڄ يا جمعي تي جاري ٿيندو. واضح رهي ته علي طحيٰ حسين هن وقت مهراڻ يونيورسٽي ۽ ڊاڪٽر ثمرين حسين اروڙ يونيورسٽي ۾وقتي وي سي مقرر ٿيل هئا، جڏهن ته ڊاڪٽر محمد علي شيخ سنڌ مدرسي ۾2 ڀيرا وي سي رهي چڪو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔