پي ايس ايل مان آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ شاهنواز ڏاهاڻي وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

ملتان: پاڪستان سپر ليگ جي ٽيم ملتان سلطانز جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي انجري سبب ايونٽ مان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ بيان جاري ڪري ڇڏيو.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پنهنجي ٽيم ملتان سلطانز کي ڪجهه وقت لاءِ ڇڏڻ تي ڏکارو آهيان، پنهنجي آڱر جو آپريشن ڪرائي جلد کان جلد واپس ايندس

ڪندس، ياد رکجو ڏاهاڻي جلد ئي واپس موٽندو“
هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ فاسٽ بالر چيو ته ”اهو ياد رکو ته اسان جي ٽيم ليگ جي سڀ کان مضبوط ٽيم آهي، اسان جا نوجوان بالر به ڪنهن کان گهٽ نه آهن، جيڪي ايندڙ ميچن ۾ بيٽرز لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿا“.
هن وڌيڪ چيو ته ”مونکي ذاتي طور تي يقين آهي ته اڀرندڙ نوجوان احسان الله هن سيزن دوران سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪرڻ واري رانديگر بڻبو“
ياد رهي ته شاهنواز ڏاهاڻي آڱر ۾ فريڪچر سبب پي ايس ايل مان ٻاهر ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ سندس جاءِ تي محمد الياس کي ملتان سلطانز جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔