ڪوڙن الزامن يا پروپگينڊا سان پاڪ-آمريڪا لاڳاپا متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين:آمريڪي پرڏيهي ترجمان

ڪراچي: آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ڪوڙن الزامن يا پروپگينڊا سان پاڪ-آمريڪا لاڳاپا متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي اهم سمجهون ٿا

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائيس کان پريس بريفنگ دوران عمران خان جي تازي موقف بابت سوال ڪيا ويا، نيڊ پرائيس چيو ته الزامن واري گيم تي تبصرو نه ڪندس، بي بنياد الزامن بابت اسان مسلسل چيو آهي ته انهن الزامن ۾ ڪا به صداقت نه آهي

هن جو چوڻ هو ته  اسان پاڪستان سان سهڪار جو قدر ڪيون ٿا، اسان جي مفاد لاءِ خوشحال ۽ جمهوري پاڪستان اهم آهي، اسان پروپيگنڊا، جعلي ۽ بي بنياد معلومات کي ٻطرفن لاڳاپن ۾ رنڊڪ وجهڻ نه ڏينداسين

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته اسان پاڪستان ۾ ڪنهن هڪ سياسي اميدوار يا جماعت کي ٻين تي ترجيح نه ٿا ڏيون، اسان پرامن جمهوري اصولن جي حمايت ڪيون ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔