وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد مان ڪراچي پهچي ويو

ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد مان ڪراچي پهچي ويو، وزيراعظم ۽ ڪابينا کي آڻيندڙ خصوصي جهاز فيصل بيس تي لينڊنگ ڪئي

 وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي ۾ نيوي جي انتظام هيٺ جاري اٺين امن مشقن جو جائزو وٺندو، وزيراعظم شهباز شريف اڄ شام 6 وڳي وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت به ڪندو

 اجلاس ۾ پاور ڊويزن بجلي جي بريڪ ڊائون بابت پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، ملڪي، سياسي ۽ معاشي صورتحال سوڌو مختلف معاملن جو جائزو به ورتو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔