ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڪاري ڪيس وڌڻ لڳا

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڪاري ڪيس وڌي رهيا آهن، 24 ڪلاڪن اندر 22 ماڻهن جون ڪورونا جون ٽيسٽون هاڪاري آيون آهن ۽ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
ان حوالي سان اين آءِ ايڇ چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ۾ 4 هزار 498 ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، جن مان 22 ماڻهن جون ٽيسٽون هاڪاري آيون آهن.
اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪيل هاڪاري ڪورونا ٽيسٽ جي شرح 0.49 سيڪڙو آهي.
ان دوران ڪورونا وائرس سان هڪ به مريض فوت ناهي ٿيو، جڏهن ته 12 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔