سنڌ سرڪار پاران 17 فيبروري کان سکر ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

سنڌ سرڪار پاران  17 فيبروري کان سکر ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، حيدرآباد ۾ 18 فيبروري تي عورتن جي لاءِ پيپلز پنڪ بس سروس شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪيوويو آهي

 اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ 20 فيبروري کان پيپلز پنڪ بس سروس جا وڌيڪ 3 روٽ متعارف ڪرائي رهيا آهيون

شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ اليڪٽرڪ بسز به آڻي رهيا آهيون، عمران خان، صدر عارف علوي ۽ اڳوڻي اسپيڪر خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ سندس ساٿارين قوم کي بي وقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، سليڪٽڊ ماڻهو اڄ وائکا ٿي رهيا آهن، عمران خان جي ڪري ئي ملڪ جي مٿان مهانگائي جي ڇپ ڪري آهي، سنڌ جي ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ گهر ٺهرائي ڏئي رهيا آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔