سنڌ ۾ من پسند اگهن تي شيون وڪرو ڪندڙن خلاف ايڪشن جون تياريون

ڪراچي: سنڌ ۾ من پسند اگهن تي شيون وڪرو ڪندڙن خلاف ايڪشن جون تياريون، پرائيس ڪنٽرول ايڪٽ ۾ ترميم ڪري اگهه وڌائيندڙن لاءِ ڏنڊ وڌايو ويندو

حڪومت طرفان رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ تعلقه سطح تي بچت بازارون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، چيف سيڪريٽري سنڌ چيو آهي ته مهانگيون شيون وڪرو ڪندڙکي 6 مهينا قيد سان گڏ 5 لک روپيا ڏنڊ لڳايو ويندو

شيون تحويل ۾ وٺي موقعي تي سرڪاري اگهه تي آڪشن ڪيس ڪيو ويندو، ڏنڊ ڀرڻ تائين دڪان سيل رکيو ويندو، پرائيس انسپيڪٽرز جو انگ وڌايو پيو وڃي

رمضان المبارڪ ۾ ڊي سيز سان گڏ سيڪريٽريز به اگهن ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندا، 17هين گريڊ جي سيڪشن آفيسر کي پرائيس ڪنٽرول مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا ويندا، تعلقه سطح تي ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويندا

چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ رمضان المبارڪ دوران ڪراچي ۾ 300 بچت بازارون لڳائڻ جو فيصلو، پهرين مارچ کان ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪئي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔