غير اخلاقي وڊيوز ڪيس ۾ دانيه شاهه جي ضمانت منظور

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ عامر لياقت جون غير اخلاقي وڊيوز شيئر ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار دانيه شاھ جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران عامر لياقت جي بيواهه دانيا شاهه کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي،  دانيا شاهه کي 2 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي

دانيه شاهه جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جن نمبرن تان وڊيوز وائرل ٿيون اهي دانيه شاھ جا ناھن، سندس ضمانت واري درخواست منظور ڪئي وڃي، دانيه شاھ کي ايف آءِ اي 15 ڊسمبر 2022 تي پنجاب جي شھر لوڌران مان گرفتار ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔