پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچائڻ وڏو چيلينج آهي: برطانوي ادارو

مشهور برطانوي رسالي پاڪستاني معيشت کي پيش مشڪلاتن تي خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي

برطانوي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته پاڪستان تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي، ايٽمي طاقت ۽ ان جا قرضدار ڊيفالٽ کان بچڻ لاءِ سخت قدم کڻي رهيا آهن، ملڪ جي ڪرنسي خراب ٿي چڪي آهي

فنانشل ٽائمز جو چوڻ آهي ته پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا گذريل مهيني جي آخر ۾ 3.7 بلين ڊالر تائين گهٽجي ويا، چين، آءِ ايم ايف ۽ پيرس ڪلب کي پاڪستان سان قرضن جي بحاليءَ لاءِ ڳالهين کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون، موسمي آفتن ۽ دهشتگردي کي به منهن ڏئي چڪو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔