اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو مڙهه شام جو پاڪستان پهچندو، تدفين ڪراچي ۾ ٿيندي

ڪراچي: اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو مڙهه دبئي کان پاڪستان پهچڻ ۾ دير جو شڪار ٿي ويو آهي. سفارتي اختيارين موجب اڳوڻي صدر جو مڙهه کڻي خصوصي جهاز رات دير سان پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي. جهاز شام 7 وڳي پاڪستان لاءِ روانو ٿيندو.
ذريعن موجب جهاز ۾ اڳوڻي صدر جي گهر واري صهبا مشرف، پٽ بلال مشرف ۽ سندس ڌيءَ به گڏ ايندي. ذريعن موجب اڳوڻي صدر جي جنازي نماز پولو گرائونڊ ملير ڪينٽ ۽ تدفين اولڊ آرمي قبرستان ڪراچي ۾ ڪئي ويندي.
ياد رهي ته پرويز مشرف جو مڙهه المڪتوم ايئرپورٽ تائين اڄ صبح 11 وڳي روانو ٿيڻو هو جنهن ۾ ڪافي دير ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔