پشاور ڌماڪي جا وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويا

پشاور: پشاور جي علائقي صدر پوليس لائنز ۾ ڌماڪي جا وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويا آهن. ذريعن موجب پوليس لائنز ۾ آپگهاتي ڌماڪي دوران ٽي اين ٽي ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو ويو ۽ ڌماڪو مسجد جي پراڻي حصي ۾ ٿيو.
ذريعن موجب مسجد جي پراڻي حصي ۾ ڪوبه پلر نه هو، ڀتون صرف سِرن جي سهاري بيٺل هيون ڌماڪي کان پوءِ ڀتون ۽ ڇت ڪرڻ سبب وڌيڪ شهادتون ٿيون. ذريعن موجب دهشتگردن جي نيٽ ورڪ تائين پهچڻ لاءِ ڪارروائي جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔