وفاقي سرڪار 7 فيبروري تي ڪوٺايل اي پي سي جي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي سرڪار 7 فيبروري تي ڪوٺايل اي پي سي جي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي، آل پارٽيز ڪانفرنس هاڻي سڀاڻي نه پر 9 فيبروري تي ٿيندي، ذريعن موجب اي پي سي واري هنڌ جو به اڃا تعين نه ٿي سگهيو

پارليامينٽ هائوس يا وزيراعظم هائوس ۾ اي پي سي ڪوٺائڻ وارين تجويزن تي غور جاري، وفاقي وزير اياز صادق سياسي جماعتن سان رابطن ۾ مصروف آهن

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اي پي سي ۾ شرڪت جي باضابطه دعوت ملي ته شرڪت ڪنداسين، پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته اي پي سي ڪوٺائڻ سٺو عمل آهي

باضابطا دعوت ملي ته ان ۾ شرڪت بابت مشاورت ڪنداسين، حڪومت پاران اسان کي اڃا تائين باضابطا دعوت نه ڏني وئي آهي، اسد قيصر جو چوڻ آهي ته ڪالهه اياز صادق فون تي زباني طور اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني

فواد چوڌري موجب اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ جو اهو مناسب طريقو نه آهي، اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت لکت ۾ ڏيڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔