دفاعي چئمپين پرٿ اسڪوچر پنجون ڀيرو بي بي ايل ٽائيٽل کٽي ورتو

پرٿ:بگ بيش ليگ جو ٽائيٽل دفاعي چئمپين پرٿ اسڪوچر پنجون ڀيرو پنهنجي نانءِ ڪري ورتو. بگ بيش ليگ جي فائنل ۾ برسبين هيٽ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 175 رنز ٺاهيون. ناٿن ميڪ سويني 41، سيم هيزليٽ 34 ۽ سيم هين 31 رنز ٺاهي نمايان رهيا. پرٿ اسڪوچر 19.2 اوورن ۾ 5 وڪيٽن تي هدف پورو ڪيو. ايشٽن ٽرنر 53 رنز ٺاهي نمايان رهيو. ايشٽن ٽرنر کي پليئر آف دي ميچ ۽ ميٿيو شورٽ کي پليئر آف دي سيريرز قرار ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔