پاڪستان ڀارتي فوج ۽ ڳجهي ايجنسي ” را “ جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان جي انٽيليجنس ادارن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج ۽ ڳهجي ايجنسي را طرفان منشيات ۽ هٿيار اسمگل ڪري ان جو الزام پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي شهرين مٿان مڙهڻ وارو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي.

ڀارتي فوج ۽ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي منشيات اسمگلنگ ۾ ملوث هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ڪوڙ، جڙتو مقابلا ۽ عدالتن کان مٿانهان قتل ڀارتي فوج جي سڃاڻپ بڻجي چڪا آهن پر پنهنجي ئي عوام کي بيوقوف بڻائيندڙ ڀارتي فوج سينيئر آفيسرن کي به دوکو ڏيڻ لڳي آهي.

ڀارتي فوج ۽ ڳجهي ايجنسي ” را “ جو ڄمون ڪشمير پوليس سان نمبرن جو مقابلوجاري آهي، ۽ ڀارتي آفيسر پنهنجو ڪيريئر ٺاهڻ جي چڪر ۾ خطي جو امن داءُ تي لڳائي رهيا آهن، آفيسر ترقين ۽ تمغن جي لالچ ۾ پنهنجا ئي هٿيار اسمگل ڪري الزام ڪشمير جي آزادي پسندن مٿان مڙهڻ لڳا آهن.

پاڪستان جي انٽيليجنس ايجنسين ڀارتي فوج ۽ ڳجهي اينجسي را جي منصوبي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن تحت مجبور ڪشميرين کي پئسن جي لالچ ڏئي اسمگلنگ تي راضپي ڪيو ويندو هو ۽ موقعو ملڻ تي اڻڄاڻ اسمگلرز کي جڙتو آپريشن ۾ ماريو ويندو هو.

سي آءِ ڊي ڪشمير جو ڄمون ۽ ڪشمير پوليس جي سربراهه ڏانهن لکيل خط منظرعام تي آيو آهي، ان جي وڊيو پڻ وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ سي آءِ ڊي سربراهه خط ۾ منصوبي کي نظرانداز ڪرڻ جون هدايتون ڏئي رهيو آهي.

ڀارتي ايجنسين جي منصوبي تحت بعد ۾ ان کي آپريشن جو رنگ ڏئي ذاتي مشهوري ڪئي ويندي هئي ۽ الزام پاڪستان مٿان مڙهيو ويندو هو، منصوبي تحت هٿيار، منشيات جي ننڍي کيپ کي ڪشمير پوليس کان ڳجهو رکيو ويندو هو.

ڀارتي منصوبي موجب ڪارروائي کي آپريشن جو رنگ ڏئي پاڪستان تي حددخلين ۽ دهشتگري جو الزام لڳايو ويندو هو، آپريشن ۾ ملوث آفيسرن کي انعام طور هٿيار ۽ تعريفي سندن سان نوازيو ويندو هو.

ياد رهي ته ڀارت ان کان پهريان به ڪيئي دفعا پاڪستان خلاف اهڙي قسم جا ڪوڙا ۽ بي بنياد آپريشن ڪري عوام جي اکين ۾ مٽي وجهي چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔