ڀارت جي هٺ ڌرمي برقرار، ايشيا ڪپ پاڪستان ۾ ٿيڻ جو معاملو اڃا ٽنگيل

هلندڙ سال پاڪستان جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ ڪرڪيٽ ايشيا ڪپ جي وينيو تي حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو، بحرين ۾ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ معاملي تي حتمي فيصلو ايندڙ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

هن سال سيپٽمبر ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ جو ميزبان پاڪستان آهي پر ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ حڪومت جي اجازت نه ملڻ جا بهانا ڪري پاڪستان جي دوري کان انڪار ڪري رهيو آهي.

پاڪستان ان معاملي تي سخت موقف اختيار ڪيو آهي، جنهن تي اي سي سي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس بحرين ۾ ٿيو، جنهن ۾ پي سي بي جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه نجم سيٺي به شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڀارتي بورڊ جو جي شاهه موجود هو پر ايشيا ڪپ جي حتمي وينيو جو فيصلو نه ٿي سگهيو.

شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ايشيا ڪپ جي وينيو تي مارچ ۾ ڪو فيصلو ڪيو ويندو ۽ تيستائين ٻئي بورڊ ان معاملي تي پنهنجي حڪومتن جو موقف به حاصل ڪري وٺندا، جيڪڏهن ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو موقف تبديل نه ٿيو ته ايشيا ڪپ نيوٽرنل وينيو تي ٿي سگهي ٿو، جنهن لاءِ دبئي ۽ قطر تي غور ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔