عمران خان حڪومت جي اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان وزيراعظم طرفان طلب ڪيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪندو.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر عمران خان جي اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي تصديق ڪئي

اسد عمر چيو ته حڪومتي وسيلن جو رخ گرفتارين طرف آهي. غداري جا ڪيس داخل ڪري آئين جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن. اسان جي خلاف ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن پوءِ اسان هنن سان گڏ ڪيئن ويهي سگهون ٿا.
اسد عمر چيو ته حڪومت ڄاڻي واڻي اليڪشن ڪرائڻ بابت وسوسا پيدا ڪري رهي آهي. گورنرز چونڊن جي تاريخ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام ڪنهن کي به پنهنجا حق ڦرڻ جي اجازت نه ڏيندو. خميس تائين چونڊن جو فيصلو ٿي ويندو.
اسد عمر چيو ته ڪارڪنن کي چونڊن جي تيارين جي هدايت ڏيندي چيو ته 90 ڏينهن ۾ ضمني چونڊون ڪرائڻ واضح ٿي چڪو آهي. قومي اسيمبلي جي سيٽن تي اليڪشن ڪميشن ضمني چونڊن جي تاريخ ڏئي چڪو آهي. ايندڙ ٻڌڻي تي اميد ڪريون ٿا ته فيصلو اسان جي حق ۾ ايندو گورنر ۽ اليڪشن ڪميشن به اهو مڃين ٿا ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ گهرجن پر اهي تاريخ ڏيڻ لاءِ تيار ناهن.
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاڻ لکي ڏئي چڪو آهي ته تياري لاءِ 54 ڏينهن گهرجن. حڪومت ڄاڻي واڻي چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔