پشاور ڌماڪو: وزيراعظم شهيدن جي وارثن ۽ زخمين لاءِ مالي امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو

راولپنڊي: وزيراعظم شهباز شريف پشاور پوليس لائنز ڌماڪي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيندڙن جي لاءِ مالي امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پشاور ۾ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب دوران وزيراعظم شهباز شريف پوليس لائنز ڌماڪي جي شهيدن جي وارثن لاءِ وفاقي حڪومت طرفان 20 لک روپيه مالي امداد جو اعلان ڪيو جڏهن ته زخمين جي علاج جي لاءِ 5 لک روپيه في ماڻهو امداد جو اعلان ڪيو.
ياد رهي ته 30 جنوري تي پشاور جي علائقي صدر جي پوليس لائنز جي مسجد ۾ آپگهاتي حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪارن سميت 100 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔