ڪارڪن تياري ڪن: عمران خان پاران جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان

اڳوڻي وزير اعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جَي چيئرمين عمران خان جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 لاهور مان پنهنجي وڊيو خطاب ۾ عمران خان چيو ته سمورا ڪارڪن ۽ اڳواڻ جيل ڀريو تحريڪ جي تياري ڪن، سڀاڻي قوم کي ڪال ڏيندس ۽ سڀ گرفتاريون پيش ڪنداسين

عمران خان چيو ته روڊن تي اچڻ کان بهتر آهي ته گرفتاريون ڏيون، مونکي خبر آهي ته جيلن ۾ ڪيتري گنجائش آهي، اڳڪٿي ڪريان ٿو ته اسان تي مڙهيل حڪمران جلد ملڪ ڇڏي ڀڄي ويندا

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته حڪمران اتحاد چونڊن کان ڊنل آهي، هي ملڪ کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن، پشار واقعي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ دهشتگردي جو گراف ڪِريو هو

  • TAG

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔