ڀارتي عورت ڪرڪيٽر جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ

ڪٽڪ : ڀارتي رياست اوڙيسا سان واسطو رکندڙ عورت ڪرڪيٽر راج شري جو لاٿ ٻيلي مان هٿ آيو آهي.

ڀارتي پوليس موجب 26 سالا ڪرڪيٽر جو لاش اوڙيسا رياست جي شهر ڪٽڪ جي ٻيلي ۾ وڻ ۾ ٽنگيل هو.

ڀارتي ميڊيا موجب عورت ڪرڪيٽر يارنهن جنوري کان لاپتا هئي.

پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ ڪيس جي هر رخ کان جاچ ڪئي ويندي جڏهن ته  عورت ڪرڪيٽر جي موت جو اصل ڪارڻ  پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد کي معلوم ٿيندو .

ڀارتي ميڊيا موجب نيشنل ليول ٽورنامينٽ لاءِ علائقي ۾ تربيتي ڪئمپ لڳائي وئي هئي جنهن لاءِ چونڊيل 16 رڪني ٽيم ۾ راج شري جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿي وئي هئي.

راج شري سان گڏ هوٽل ۾ رهندڙ عورت ٻڌايو ته اربع جي شام ٽيم ميمبرن جي نالن جي اعلان بعد هوءَ روئي رهي هئي جنهن بعد هو هوٽل مان گم ٿي وئي .

هواڏنهن عورت ڪرڪيٽرن جي گهرڀاتين واقعي کي قتل قرار ڏيندي چيو ته لاش تي زخمن جا نشان هئا، عورت ڪرڪيٽرن جي وارثن موجب راج شري فاسٽ بالر ۽ مڊل آرڊر بيٽر هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔