پاڪستان ۾ به ٽوئيٽر مٽجي ويو، نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو

مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر دنيا جي ٻين ملڪن جيان پاڪستان ۾ به پنهنجي هوم يا نيوز فيڊ کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب پاڪستان ۾ به 13 جنوري تي هوم ديڊ تبديل ڪئي وئي ۽ شروعاتي طور تي ملڪ ۾ آءِ فون ۽ ڊيسڪ ٽاپ واهپيدارن لاءِ فيچرز کي پيش ڪيو ويو.

آءِ فون ۽ ڊيسڪ ٽاپ کانپوءِ جلد ئي اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ به ٽوئيٽر فيڊ کي تبديل ڪيو ويندو ۽ اسڪرين جي ٽاپ تي ماڻهن کي ”فالوونگ“ ۽ ”فاريو“ جا ٻه ڌار ٽيبز نظرايندا.

ٽڪ ٽاڪ جي اسڪرين کولڻ تي ”فالوئنگ“ ۽ ”فاريو“ جي ٽيب ماڻهن کي نظر اچي ٿي.

ٽوئيٽر ۾ ٻئي ٽيبز ٽڪ ٽاڪ وانگر ڪم ڪن ٿيون، هاڻي واهپيدار پنهنجي پسند سان جيڪو به مواد ڏسڻ چاهي ڏسي سگهي ٿو.

فالوئنگ جي ٽيب ۾ انهن اڪائونٽس جو مواد ۽ ٽوئيٽس نظر ايندا، جن کي واهپيدار فالو ڪيو آهي.

فاريو ۾ ٽوئيٽر تي دستياب مشهور يا وائرل مواد نظر ايندو، جڏهن ته ان ٽيب ۾ اهو مواد به نظر ايندو جنهن کي انهن اڪائونٽس شيئر يا پسند ڪيو هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔