سري لنڪا ۾ معاشي بحران، حڪومتي خرچ گهٽائڻ لاءِ فوج جو انگ گهٽائڻ جو فيصل

بدترين معاشي بحران جي شڪار مُلڪ سريلنڪا حڪومتي خرچ گهٽائڻ لاءِ فوج جو انگ گهٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب سريلنڪا جي بچاءَ واري وزير جو چوڻ آهي ته سريلنڪا ايندڙ سال تائين فوج  جو انگ گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو  هڪ لک پنجٽيهه هزار تائين آندو ويندو ۽ ٻه هزار ٽيهه تائين فوج جو انگ هڪ لک ڪري ڇڏيندو.

سريلنڪن بچاءَ واري وزير چيو ته فوج جو انگ گهٽائڻ واري قدم جو مقصد ٻه هزار ٽيهه تائين ٽيڪنيڪي ۽ حڪمت عملي جي حوالي سان صحيح ۽ متوازن دفاعي قوت بڻائڻ آهي.

عالمي بئنڪ جي انگ اکرن موجب سريلنڪا ۾ ٻه هزار سترنهن کان ٻه هزار اڻويهه تائين فوج ۾ ٽي لک سترنهن هزار اهلڪار شامل هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔