سنڌ سرڪار جي درخواست ٻيهر رد، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون سڀاڻي ئي ٿينديون

اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊون سڀاڻي ئي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اجلاس ڪميشن جو اهم مشاورتي اجلاس ختم ٿي ويو آهي جنهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ دادو ۾ سڀاڻي ئي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد ۾اليڪشن ڪميشن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو.

اجلاس ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد پڻ شرڪت ڪئي جڏهن ته ڪراچيءَ مان صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو.

اجلاس جي جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪراچي، ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ بابت سنڌ سرڪار جي خط جو جائزو ورتو ويو.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت پرامن مڪاني چونڊن چونڊن لاءِ فول پروف انتظام ڪري.

ٻئي پاسي صوبائي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان اعجاز انور به ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون سڀاڻي ئي ٿينديون، الڪيشن ڪميشن پنهنجي آئيني ذميواري نڀائڻ لاءِ تيار آهي، اسان اليڪشن ڪميشن جي حڪمن جا پابند آهيون، سنڌ سرڪار به آئيني طور پابند آهي ۽ تنهنڪري چونڊن جي حوالي سان جيڪي به ذميواريون آهن اُهي ادا ڪيون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔