آمريڪا جي سونهن راڻي ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت حسينا جو اعزاز ماڻي ورتو

واشنگٽن: آمريڪا جي آربوني گيبريل ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت حسينا (مس يونيورس) جو اعزاز ماڻي ورتو آهي.
آمريڪا جي شهر نيو اورلينز ۾ 71 هين مس يونيورس مقابلي ۾ سڄي دنيا مان 84 عورتن شرڪت ڪئي ۽ مس آمريڪا جو اعزاز حاصل ڪندڙ آربوني گيبريل هاڻي مس يونيورس جو تاج پڻ پنهنجي سر تي سجائي ورتو آهي.
هن سال پهريون دفعو شادي شده ۽ ماءُ بڻجندڙ عورتن کي به مس يونيورس مقابلي ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وئي هئي.
28 ورهين جي آرگوني گيبريل پهرين فلپائني ڄائي آمريڪي عورت آهي جنهن مس يونيورس جي مقابلي ۾ ڪاميابي ماڻي آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔