هاڻي واٽس ايپ کي بنا انٽرنيٽ به استعمال ڪري سگهبو

دنيا جي سڀ کان وڏي انسٽينٽ ميسيجنگ شيئرنگ ايپلي ڪيشن واٽس ايپ هاڻي تائني جو سڀ کان وڏو انقلابي فيچر متعارف ڪرايو آهن جنهن ۾ ”پراڪسي سپورٽ“ تحت انٽرنيٽ کانسواءِ هلائڻ به ممڪن هوندو.

رپورٽ موجب هڪ ٻئي سان رابطي لاءِ ئي واٽس ايپ پراڪسي سپورٽ متعارف ڪرائي پئي وڃي، جنهن جي مدد سان ماڻهو انٽرنيٽ جي بندش ۽ ايپس تي پابندي کانپوءِ به واٽس ايپ کي سولائي سان استعمال ڪري سگهندا.

واٽس ايپ موجب پراڪسي سپورٽ کانپوءِ به واهپيدارن جا ميسيجز ۽ ڪالز اينڊ ٽو اينڊ رهندا ان جو مطلب اهو آهي ته واٽس ايپ ۽ ميٽا سميت پراڪسي سرور نه ڏسي سگهندا ۽ نه وري ٻڌي سگهدنا.

ان فيچر سان واٽس ايپ پاڻ انٽرنيٽ فراهم نه ڪندو پر دنيا جي مختلف فلاحي تنظيمن پاران پراڪسي نيٽ ورڪ سروف مفت انٽرنيٽ فراهم ڪندا.

پراڪسي انٽرنيٽ سروسز مفت هوندا آهن ۽ اهي انٽرنيٽ ڪنيڪشنز کانسواءِ به ڪم ڪندا آهن پر اهڙي سرورسز لاءِ واهپيدارن کي پهريون ئي ڄاڻ حاصل ڪرڻي پوندي.

پراڪسي سپورٽ فيچر ڪيئن آن ٿيندو؟

عام طور تي هي فيچر انهن ئي علائقن ۾ ڪم ڪندو جتي حڪومت يا انتظاميا پاران انٽرنيٽ تي پابندي مڙهيل هوندي ۽ اتي واٽس ايپ تي به پابندي هوندي.

ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ واهپيدارن کي پنهنجي واٽس ايپ سيٽنگ ۾ وڃي ”اسٽوريج اينڊ ڊيٽا“ تي ڪلڪ ڪبو جتي آخر ۾ پراڪسي سيٽنگ جو آپشن هوندو جنهن کي آن ڪبو.

رپورٽ موجب پراڪسي سيٽنگ کي آن ڪرڻ کانپوءِ سسٽم ”پراڪسي سرور“ کي استعمال ڪرڻ جو پڇندو ۽ ان لاءِ واهپيدارن کي پهريون پراڪسي انٽرنيٽ سرور ڊائون لوڊ ڪرڻ گهربو.

واهپيدارن کي پهريون ”فري پراڪسي انٽرنيٽ سرور“ پنهنجي فون ۾ ڊائونلوڊ ڪرڻو پوندو، جنهن کانپوءِ واٽس ايپ سيٽنگ ۾ وڃي ان پراڪسي سرور کي انٽرنيٽ سان ڪنيڪٽ ڪرڻو پوندو.

اهڙي طرح انٽرنيٽ کانسواءِ به واٽس ايپ استعمال ڪري سگهبي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔