پارڪنگ مامري تان جهيڙي کي مذهبي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش، آصف زرداري جو سخت ردعمل

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪراچي هوائي اڏي واري واقعي جو سخت نوٽيس ورتو آهي.

پنهنجي بيان ۾ آصف زرداري چيو ته عورت سيڪيورٽي انچارج کي فرضن جي ادائيگي کان روڪڻ لاءِ توهينِ مذهب جو الزام شرم جوڳو آهي، واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.

آصف زرداري وڌيڪ چيو ته توهينِ مذهب جو الزام انتهائي خطرناڪ عمل آهي، عورت سيڪيورٽي آفيسر جي حفاظت لاءِ  اپاءَ ورتا وڃن، ڪجهه ڌريون مذهب جي نالي تي مُلڪ کي بدنام ڪرڻ چاهين ٿيون، حڪومت ۽ عوام کي اهڙي سوچ کي ٻنجو ڏيڻو پوندو، الزام غلط ثابت ٿيڻ تي الزام لڳائيندڙ کي سخت سزا ڏني وڃي.

واضح رهي ته واقعو گذريل ڏينهن پيش آيو جتي سي اي اي ملازم سليم دوست کي بنا پاس واري گاڏي پارڪ ڪرڻ چاهي جنهن تي جهيڙو ٿي پيو.

ڪراچي ائيرپورٽ ڪارگو جي ممنوع علائقي ۾ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ويجيلينس شعبي جي انچارج بنا اسٽيڪر واري گاڏي کي پارڪنگ کان روڪيو ته سي اي اي ملازم سليم عورت سيڪيورٽي انچارج کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ جهيڙي کي مذهبي نفرت جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔