پاڪستان جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ موسمياتي تبديلين بابت جينيوا ڪانفرنس جا اهم تفصيل جاري

اسلام آباد: موسمياتي تبديلين سبب تباهي تي جينيوا ڪانفرنس سومر تي ٿيندي جنهن جي ميزباني پاڪستان ۽ گڏيل قومن جو ادارو ڪندو.

وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اڄ جينيوا روانو ٿيندا جتي هو پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب تباهي جو ڪيس دنيا آڏو  پيش ڪندا.

واضح رهي ته مُلڪي تاريخ جي بدترين ٻوڏ سبب سترنهن سئو ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا ۽ ٽيهه ارب ڊالر جو مالي نقصان ٿيو هو جڏهن ڪُل ٽي ڪروڙ ٽيهه لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن جڏهن ته خوراڪ جي کوٽ جي شڪار ماڻهن جو انگ به ٻيڻو ٿي چاليهه لک ٿي ويو آهي.

پاڪستان کي فوري طور بحالي لاءِ ٽن سالن ۾ سورنهن ڏهائي ٽي ارب ڊالرز جي امداد گهربل آهي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ تيرنهن ڏهائي پنج ارب ڊالرن جي ضرورت هوندي.

ان حوالي سان وزيراعظم جو چوڻ آهي ته جيترا به پمپ هڻو، ٻوڏ وارو پاڻي هڪ سال ۾ به نيڪال نٿو ٿي سگهي، جولاءِ 2023ع تائين ٻيهر ٻوڏ اچڻ جو خدشو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔